مظفر ڳڙهه -04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ??ه زراعت پاڪستاني معيشت ?? ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي، حڪومت ان جي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي ??هي. اهڙو اظهار هن مظفر ڳڙهه ۾ سيمسن زرعي فارم جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت زراعت ??ي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي ??هي. زراعت پاڪستاني معيشت ?? ڪرنگهي ??ي هڏي وارو درجو رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين زرعي فارم ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم (Central Pivot System) جو به افتتاح ڪيو. اهو سسٽم 210 ايڪڙن تي مشتمل ان فارم جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندو. يوسف رضا گيلاني فارم ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڪنسلٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد احمد خان ۽ بئريسٽر منصور شاهه کيس فارم جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مظفر ڳڙهه ڪوٽ ادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سيد منور عباس، ڊي پي او ۽ انتطاميه جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.