اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪي??رٽ?? فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي ق??مي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چ??و آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ه?? وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪي??رٽ?? فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪي??رٽ?? فورسز جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پ?? پي/ع – ک/ش – چ 18:13