اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ??ي يورپ جي لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ پي آءِ اي ??ان مذاق ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ ناڪام احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه جو سهارو ورتو، جڏهن ڪرم ۾ لاش پيا هئا ته علي امين گنڊاپور وفاق تي لشڪرڪشيءَ ۾ مصروف هو. قومي اسيمبل?? جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي و??اق?? وزير چيو ته قوم کي ??بارڪ هجي ته پي آءِ اي ??ون يورپ جي لاءِ فلائيٽس بحال ٿيون آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ هن ئي ايوان ۾ انهن جي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي ??ي ڳالهه ڪئي ته پوري دنيا ۾ نيشنل ڪيريئر تي سوال اٿيا، پي آءِ اي ??ي فلائيٽس تي پابندي لڳي، الله جو فضل آهي ته موجوده دور ۾ پي آءِ اي ??ون فلائيٽ بحال ٿيون آهن. انهن جيڪو ڏوهه ڪيو هو موجوده دور ۾ ان جو ازالو ٿيو آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته انهن کي ??ي آءِ اي ??ي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته انهن جي دور ۾ ڪهڙا معاملا ٿيا هئا. هن چيو ته ڪرم جي معاملي تي علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪري وٺن، امن امان جي ذميواري صوبائي سبجيڪٽ آهي، امن امان جي لاءِ اسان حاضر آهيون، پر جڏهن ڪرم ۾ لاش پيل هئا ته هي اسلام آباد تي لشڪرڪشيءَ ڪري رهيا هئا، ڪاش ان وقت انهن ڪرم جو دورو ڪيو هجي ها، اتي امن امان تي ڌيان ڏنو هجي ها ته اڄ هتي احتجاج ڪرڻ جي نوبت نه اچي ها. اطلاعات واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي بار بار لاشن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، هڪ نمبر ٻڌائي ڇڏين، انهن کي ??اڻ ئي خبر نه آهي ته ڪيترا لاش آهن، جڏهن اصل انگ معلوم ناهي هوندي ته ڪوڙ ڦهلايو وڃي ٿو. انهن جا 10 اڳواڻ 10 مختلف انگ اکر پيش ڪري رهيا آهن، انهن ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو، ان کان بچڻ جي لاءِ بار بار ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهيا آهن.