اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ??اري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ت?? بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي توهان ??هڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سر??راهه ملڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته توهان ??ي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع ج?? قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ توهان ??ي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اسان ??و ڀرپور تعاون توهان کي ميسر هوندو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.