اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستقبل ۾ ضر??ري شين جي کوٽ بابت وقت سر خبردار ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ مناسب طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي، ضر??ري شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي کان بچي سگهجي ٿو، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو، جنهن جي ڪري حڪومت کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، جي اعليٰ سطح جي جاچ رپورٽ جو انتظار آهي، ذميدارن جو تعين ڪيو ويندو ۽ پتو لڳايو ويندو ته ائين ڇ?? ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ ??يڊ??ا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو.