اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ??ري رهيو آهي، مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ??ري وڌيڪ آساني ٿيندي، اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ??دا??گيون شروع ڪرڻ تي ڪم ??ري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽرنيٽ جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او ??يز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ اسپيڊ موبائيل براڊ بينڊ پراجيڪٽ بابت مفاهمت جي ي??دا??ت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران آن لائن تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سلسلو برقرار رکيو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ??ري رهيو آهي. مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چيو ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل سال سافٽ ويئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ ويئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.