اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو ن??لو روشن ڪرڻ لاءِ ??چي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص ??جا??ر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ث??بت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائش?? فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ ??جا??ر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.