اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو سبب فلور ملن کي ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پي??اوار وڌيڪ ٿي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هو غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير س??د فخر امام ??ان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ ??ان گڏوگڏ وقت سر فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪئي آهي ان لاءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏي آهي جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن سا?? پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پي??اوار ٿي آهي، ان جي ب??وج??د مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي.