اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي، خضدار کان ب??يما 110 ڪلوميٽر ٻن ڦاڪن واري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چي?? ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خضدار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چي?? ته منصوبي جي 2021ع ?? مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.