اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ميٽرو منصوبي جي حوالي سان پنجاب حڪومت پاران ڪيل بهتر معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته موجوده حڪومت شفاف معاهدن ۽ ع??ام جي هڪ هڪ پائي جو مناسب استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ??ينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.