اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪس??ان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جون 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قو??ن جي ”ماحوليات جي ساليان?? عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪس??ان ڪري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪس??ان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زرعي زمين به شديد متاثر ٿيندي آهي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حوالي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چيو ته ماحول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ملڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ سال ماحوليات ج?? عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قو??ن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي جو آغا?? ڪيو پيو وڃي. هن ايڪو سسٽم کي پهچندڙ نقصان جي خاتمي ۽ ان جي بحالي لاءِ تيز ترين قد??ن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪس??ان ۾ بحالي جا ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيراعظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آهن