اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن ??يڪي لاهور جي ??ضا ۾ ڪاربن جي ??قدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن ??يڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آ??ن. ??زيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به پوکيندو. ان کانپوءِ وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.