اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ ان??رنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذ??لي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ان??ارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ان??ارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صد?? کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ذ??لي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.