اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪر??ار ڇڏي ا??ن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبر??ار ڪيو ته جيڪڏهن ا??غانستان ۾ صورتحال خراب ٿئي ٿي ته بين ا??اق??امي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ا?? جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي ا??غانستان جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي ا??زام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري ا??غانستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين ا??افغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪر??ار ڇڏي خطي جي ا??ن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي ا??ن ڪوششن جو حصو بڻجي.