دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار ??نتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربر??هي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربر??هي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صد??رتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صد?? سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار ??نتهائي اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر مل?? افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن.