اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ا??ا ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طو?? تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ ما?? 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.