اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽي?? کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوشش?? کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي انقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي ??گه??ي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسح??ق خان انسٽيٽيوٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسح??ق خان انسٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسح??ق خان انسٽيٽيوٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد يونيورسٽي مان پاس ٿي چڪا آهن، هن ا?? ڳالهه تي روشني وڌي ته انسٽيٽيوٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يونيورسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آهي، هن وڌيڪ چيو ته غلام اسح??ق خان انسٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگرد?? کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري ??گه??ي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ??ونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي رابطا ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاو?? کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي ??گه??ي. هن چيو ته يونيورسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي بورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر ??ونيورسٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يونيورسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورت?? کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. هن يونيورسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ويز?? کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدف?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يونيورسٽي?? کي مصنوعتي ذهانت تي ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورت?? کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي.