لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير ٽاڪ ۽ ڪيٽ واڪ ڇڏي سنڌ جي عوام کي منافعي خورن ۽ ٽينڪر مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان مهانگائي ۽ منافعي خوري تي انتظاميه کي فوري ايڪشن کڻڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن، پنجاب ۾ هاڻي به ڪڻڪ جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 1100 روپين ۾ مل?? رهيو آهي، پي ڊي ايم مريم جي ڌار ۽ شهباز جي ڌار آهي، پهرين اهو فيصلو ڪري وٺن ته صدر وڏو آهي يا نائب صدر؟.
هو لاهور ۾ پنجاب جي وڏ?? وزير جي خاص مددگار حسان خاور سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائ?? رهيو هو. مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان لاهور دو??ي جي دو??ان پنجاب جي وڏ?? وزير ۽ گورنر سان ملاقات ڪيون، وزيراعظم عمران خان جي صدات ۾ قيمتن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم مارڪيٽ ڪميٽين، غله منڊين ۾ انتظاميه کي ٻولي جي مانيٽرنگ جي هدايت ڏيندي چيو ته منافعي خورن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنهن قسم جي غفلت برداشت نه ٿيندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري ڇڏي آهي، 1100 روپين ۾ 20 ڪلو اٽو مل?? رهيو آهي، ڪمند جو فصل 25 سيڪڙو اضافي آهي، کنڊ وڏي مقدار ۾ هوندي ۽ اگهه گهٽ هوندا، امپورٽڊ کنڊ اچڻ سان به کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان فوڊ سپورٽ پروگرام کڻي آيا آهيون، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 12 ملين کان وڌيڪ خاندانن کي روز مره کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ وڃ?? رهيا آهيون.
هن چيو ته وزيراعظم هيلٿ ڪارڊز جو به جائزو ورتو آهي، ڊسمبر جي آخر تائين سڄي پنجاب جي سمورن خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ وڃ?? رهيا آهيون، پنجاب جي وڏ?? وزير صوبائي بجيٽ ۾ 60 ارب روپيا رکيا آهن، هاڻي انشاءُ الله علاج سڀني ميسر ايندو. رياست پاڻ اڳتي اچ?? رهي آهي، ڪي پي ڪي جي سموري آبادي کي هليٿ ڪارڊ ملي چڪو آهي، هڪ مشهور رسالي ڪي پي ڪي ۾ هليٿ ڪارڊ جي واکاڻ ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جي رپورٽ موجب مهانگائي جو گذريل 50 سالن جو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي، جرمني، چين، آمريڪا سميت پوري دنيا ۾ مهانگائي آهي. تيل جي قيمتن ۾100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت پنهنجي ٽيڪسز ۾ سراسري گهٽتائي ڪئي آهي، بار حڪومت پاڻ برداشت ڪر?? رهي آهي، خطي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پيٽروليم ۽ کاڌي جي تيل جون قيمتون گهٽ آهن، اسان جي ٽيم گيهي انڊسٽري سان ڳالهه ٻولهه ڪر?? رهي آهي، گيهي ۽ آئل تي 45 روپين تائين جو ٽيڪس گهٽ ڪرڻ وڃ?? رهيا آهيون، ان جو فائدو عوام کي پهچندو، هن چيو ته مهانگائي جون ڳالهيون ڪندڙن ماضي ۾ زراعت، خوراڪ تي ڌيان نه ڏنو، نواز شريف ۽ زرداري جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ مصروف رهيا، هن چيو ته ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو، مڪئي جي پيداوار ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان جو روانگي واپار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 31 ارب ڊالر ۽ مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو وڌيو آهي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ ساڍا 12 ارب سيڪڙو اضافو، ٽيڪس جي وصولي 1395 ارب ٿي آهي، ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسان جي گروٿ پيداوار جي بنياد تي آهي، ماضي ۾ گروٿ ڪريڊٽ ڪارڊ تي ٻڌل آهي،
هن چيو ته ڪورونا دو??ان عوام جي لاءِ هڪ پيڪيج کڻي آياسين، مخالف ڌر ڪهڙي ڳالهه تي احتجاج ڪر?? رهي آهي، اهو سياسي بيروزگارن جو ٽولو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته بجلي، گئس، اٽي جي بحران جي باوجود ن ليگ ۽ فضل الرحمان ڪو احتجاج نه ڪيو، مخالف ڌر پنهنجو احتجاج جو شوق پورو ڪري وٺي، کين ڪجهه نه ملڻ وارو آهي، پي ڊي ايم ڪرپشن ۽ لُٽ مار جو ريلو آهي، عوام کي ان سان ڪو به سروڪار نه آهي، هن چيو ته مريم شهباز ۽ شهباز مريم جي خلاف تحريڪ پهرين منطقي انجام تائين پهچائين ته جيئن خبر پوي ته صدر وڏو آهي يا نائب صدر وڏي آهي. حڪومت ڏکين حالتن جي باوجود عوام رليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪر?? رهي آهي. دنيا ۾ ڪووڊ جي ڪري جي ڊي پي گهٽ ٿي پر پاڪستان ۾ صنعتون روان دو??ن رهيون. پيپلزپارٽي 13 سان کان س??ڌ تي حڪومت ڪر?? رهي آهي پر سنڌ جي عوام کي سڀني کان مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو مل?? رهيو آهي، بجلي جا مهانگا معاهدا ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن.
هن چيو ته 14 ارب جي ڪڻڪ چوري ٿي ته چيو ويو ته ڪوئا کائي ويا، بلاول هائوس جي ڪوئن کان آجي ڪرائي ڪڻڪ سنڌ جي عوام کي ڏيو، هن چيو ته انتظامي قدمن جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ بهتري نظر اچ?? رهي آهي، 22 ڪروڙ ايڪڙ موجود آهي، 5 ڪروڙ زمين پوکي لائق آهي، باقي زمين جي پوکي جوڳي بڻائڻ لاءِ ڪم ڪر?? رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان کي غذا ۾ پاڻڀرو ڪرڻ ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون، آبادي ۾ اضافي موجب اسان س??وريون ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون، هن چيو ته اسان جون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ هل?? رهيون آهن، اتحاد کي ڪو به خطرو نه آهي.