اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنوان?? جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سخت ??ان??ن، انهن تي عملدرآمد، فوري انصاف، معاشر?? جي بدعنوان?? جي خلاف عدم برداشت، خدا خوفي ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي سان بدعنواني تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ملڪ مان بدعنوان?? جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنوان?? جي خاتم?? جي عالمي ڏهاڙ?? جي موقعي تي ”ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان قوم جو فخر“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدعنوان?? جي خلاف نيب آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. نيب آفيسر ڪردار جي پختگي سان بدعنوان?? جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن. هن چيو ته 6 عملن سان بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بدعنوان?? جي روڪٿام لاءِ ??ان??نسازي سان گڏ ??ان??نن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. صدر چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ عدالتن ۾ تيزي سان انصاف جي فراهمي سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته انسان ۾ خدا جو خوف ڏوهه ۽ بي ايماني کان روڪيندو آهي، اسلامي تاريخ ۾ به امانتدار?? جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ اهو اسلام جو بنيادي پيغام به آهي. اهڙي طرح معاشري کي به بدعنواني کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ گهرجي. معاشر?? جي تنقيد ۽ دٻاءُ سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. معاشري کي بدعنواني خلاف عدم برداشت جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.
صدر چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي جاچ ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، بدعنوان?? جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، اسلام ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بدعنواني کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آ??ي، ميڊيا عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي. هن چيو ته نيب بدعنوان عنصرن کان 821 ارب روپيا وصول ڪيا آهن جيڪا نمايان ڪارڪردگي آهي تنهن هوندي به بدعنواني روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بدعنواني ۾ مسلسل اضافو ٿيو، مختلف طريقن سان مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ڪجهه ملڪن چوري ۽ مني لانڊرنگ جي پئسي مان ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت ڏني، پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن مان لُٽيل دولت ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وئي.