اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اولف شلز کي جرمني جي چانسلر جو منصب سنڀالڻ ??ي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ پراڻي گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ چانسلر شلز سان گڏج?? ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.