ا??لا?? آب??د ?? 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پشاور قصه خواني جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ ا??لا?? جا دشمن آهن، جن کي الله تعاليٰ جي گهر جي حرمت نه آه?? اهي انسان سڏرائڻ جي لائق به نه آهن. ??ن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي دل ڏکويل آهي، دهشتگردي خلاف جانيون ڏيندرن جو رت رائيگان نه ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواه?? حڪومت زخمين کي هر ممڪن بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.