اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس هن و??ت هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽي وي سان ڳاله??ئي??دي وفاقي وزير چيو ته سنڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته هن و??ت سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته اسان وڏي م??نت سان ان طرح جي قدمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري رکي آهي، حڪومت ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابند?? ڪري رهي آهي.