اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي عل??ئقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ??ند?? چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن ج?? شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.