اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو پياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاشري ۾ اعتدال پسند روين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊي?? پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊي?? پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي منعقد ??قر??ب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ??قر??ب ۾ ريڊي?? پاڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊي?? پاڪستان جا سينيئر آر??س اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آر??سٽن کانسواءِ اسان جون ڊائمنڊ جوبلي ??قر??بون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيئر آر??سن سان گڏجي پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ??قر??ب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊي?? پاڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ريڊي?? پاڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آر??سٽن کي پاڪستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. ??قر??ب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.