اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ??وئ??ڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاون جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر ??وئ??ڊن جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ ??وئ??ڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي ??وئ??ڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ?? پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلين جي چئلينج جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ??وئ??ڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن.