آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزير??عظ?? شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزير??عظ?? شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران توهان جي مدد تي ت??ام گهڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گهر جا ڀاتي آهن، اسان انهن ??ي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نه ٿو سگهي، توهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان توهان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهن??ي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهيون. وزير??عظ?? چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ توهان شامل آهيو، توهان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.