اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم سان برطانيا جي ڏکڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وز??را??ظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وز??را??ظم کي ٻڌايو ته برطانوي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي لاءِ برطانيا پاران وز??را??ظم کي مس??سل مدد جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جن??ن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وز??را??ظم ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مس??سل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وز??را??ظم گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو خطرو، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان دشمني ??ي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.