اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي??ن جي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب چيني قونصل خاني جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي پاڪستان سان 50 سالا پراڻي وابستگي هئي، ان جي لاڏاڻي سان چ??ن هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي ويو ??هي. هن چيو ته چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زي??ن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، انهن کي هڪ عالمي اڳواڻ طور تي به ياد رکيو ويندو جنهن عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي فروغ ڏنو.