اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ??از??ه مري چيو ??هي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسا?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪ?? جي ڪل آبادي ??ان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولت?? جي ض??ور?? آهي. ??از??ه مري چيو ته کيس پاڪستا?? جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.