اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قاز??ست??ن جا لاڳاپا تاريخ، مذهب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قاز??ست??ن سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قاز??ست??ن پارليامينٽ (هيٺئين ايوان) جي چيئرمين يرلان ڪوشانوف جي قيادت ۾ 9 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قاز??ست??ن جي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت ۾ گهرا ڳنڍيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قاز??ست??ن سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قاز??ست??ن جي صدر قاسم جومارت توڪاليف سان آستانه ۾ سيڪا سربراهي اجلاس ۽ سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ملاقاتن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين لاڳا??ن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو قاز??ست??ن جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جلد ئي وچ ايشيائي رياستن سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رستي ۽ ريل رابطن تي ڌيان ڏنو ويندو. يرلان ڪوشانوف وزيراعظم کي بين الپارلياماني دوستي گروپ جي اجلاس بات آگاهه ڪيو جيڪو قاز??ست??ن جي پارلياماني وفد جي جاري دوري دوران منعقد ٿيو. هن پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته قاز??ست??ن پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ٻطرفي واپار ۽ رابطن، دواسازي جي صنعت ۽ سرجيڪل ۽ راندين جي سامان ۾ تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻطرفي واپار کي گهٽ مدي ۾ آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. قاز??ست??ن جي عوام ۽ هڪومت پاران قاز??ست??ن جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي چيئرمين پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊا??ٽر مصدق ??لڪ ۽ وزيراعظم جو رابطن بابت خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.