اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ ??لائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ ??لائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب ج?? حڪم جي خلاف ??ومي صحت خدمت واري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو هو، مقبول احمد ۽ ٻين شڪاي?? ڪندڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪاي?? ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ ??لائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪنيڪل اسٽاف ??رار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪاي?? ڪندڙن موجب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ ??لائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ ??لائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.