اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهن??اس??ن، پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڀر??ور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم شهيدن صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شجاعت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو. وز??راعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهن??اس??ن. پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وز??راعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تع??يت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ شهيدن جا درجا بل??د فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.