اسلا?? آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خوف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهيو آهي، خوف ان و??ت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خوف ان و??ت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خوف ان و??ت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته ??هرن مان نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته ??هر مان نڪتو ته ??وڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.