اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ اميدوار جي مقرري جي ??عا??لي تي نظرثاني ڪري جنهن کي لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود ان بنياد تي نوڪري کان محروم ڪيو ويو آهي ته ڪوويڊ 19 جي ڪري لاڳاپيل يونيورسٽي مان ان جي ڊگري دير سان جاري ٿي. هن چيو ته ايف بي آر اميدوار جي ڊگري تي يونيورسٽي جي واضح بيان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو جون/ جولاءِ 2021ع کان ڪنهن به يونيورسٽي يا نوڪري ۾ داخلا جي لاءِ اهل آهي ڇو ته ان جي ڊگري ڪوويڊ 19 جي ڪري جون 2022ع جي آخر ۾ جاري ڪئ?? وئي جيڪو انساني ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان ۾ شاگرد جي غلطي نه آهي. صدر اهو فيصلو هڪ اهڙي ??عا??لي ۾ ڏنو جتي حمزه وزير (شڪايت ڪندڙ) آڪٽوبر 2021ع ۾ ايف بي آر ۾ اسسٽنٽ (بي ايس – 15) جي عهدي جي لاءِ درخواست ڏني هئي، لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئ?? هئي ۽ ان کانپوءِ کيس انٽرويو جي لاءِ به طلب ڪيو ويو هو. ايف بي آر اها دعويٰ ڪندي ان کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس ڊگري 19-09-2021ع تي شايع ٿيندڙ اشتهار جي تاريخ جي 8 مهينن کان وڌيڪ جي وقفي کانپوءِ 02-06-2022ع تي جاري ڪئ?? وئي تنهن ڪري اميدوار پوسٽ جي لاڳاپيل معيار تي پورو نه ٿو لهي. شڪايت ڪندڙ ان ??عا??لي تي وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن حڪم ڏنو ته ڪنهن مشتهر عهدي تي چونڊ ۽ مقرري ايجنسي جو اختيار آهي ۽ ان تي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ ڪيس ايف بي آر چيئرمين کي موڪليو ويو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب وٽ نظرثاني ڪئ??، درخواست داخل ڪئ?? جنهن کي ان بنياد تي رد ??يو ويو ته مقرر تاريخ تي شڪايت ڪندڙ وٽ بيچلر ڊگري هولڊر هجڻ جو ڪو ثبوت نه هو، ان جي لاءِ هو ڄاڻايل عهدي جي لاءِ اهل نه هو ۽ اهو ته ايف بي آر پاران ڪا بدنظمي نه ڪئ?? وئي. ان کانپوءِ حمزه صدر کي هڪ درخواست داخل ڪئ??. صدر ان جي نمائندگي کي منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر شڪايت ڪندڙ جي ??عا??لي تي معروضي طور تي غور نه ڪيو ۽ ان کي ??عا??لي جي وضاحت جو موقعو فراهم نه ڪيو ۽ ان کي ان جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري وڏي پئماني تي خصوصي رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون ويون هيون. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه هر عهدي جي لاءِ سخت مقابلو آهي ۽ اميدوارن جو وڏو انگ سامهون اچي رهيو آهي ۽ انتظامي عملدارن پاران منصفاڻو ڪم ڪرڻ جي ذميواري وضع ڪئ?? وئي آهي ته جيئن قانون موجب عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر قرار ڏنو ته ان کان اڳ 24-05-2021ع تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب آڏو ان درخواست سان گڏ هڪ شڪايت داخل ڪئ?? هئي ته هن 2019ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي سان الحاق ٿيل اسلام آباد پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج م ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا ورتي ۽ هن ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود پهرين ۽ ٻئي سيمسٽر جي نتيجن جو اعلان نه ڪيو جنهن سان ان جي ڊگري جي تڪميل ۾ دير ٿيندي ۽ ان جو ڪيريئر به متاثر ٿيندو. صدر سيڪريٽريٽ آڏو يونيورسٽي جي نمائندي جي ان خاطري تي ڪيس اڪلايو ويو هو ته شاگرد جي بيچلر ڊگري تي جون/ جولاءِ 2021ع کان غور ڪري سگهجي ٿو. صدر اميدوار جي حق ۾ اڳ ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي ۽ ايف بي آر عمل نه ڪري بدانتظامي ڪئ??. صدر محتسب جا حڪم رد ??ندي اڳوڻي فاٽا جي ڪوٽا تي اسسٽنٽ جي عهدي جي لاءِ شڪايت ڪندڙ جي مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪئ??.