اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ??اڪ??تان ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، خميس ڏينهن وفاقي گا??ي واري شهر اسلام آباد ۾ ڏينهن جي شروعات 31 توپن ۽ چئني صوبائي گا??ي وارن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، اسلام آباد ۾ خر??ب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ??اڪ??تان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئي وئي. ايوان صدر موجب ??اڪ??تان ڏهاڙي جي ملتوي ٿيندڙ پريڊ هاڻي 25 مارچ تي ٿيندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هلندڙ سال ??اڪ??تان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي وفاقي گا??ي واري شهر اسلام آباد ۾ ??وا??تي پريڊ شڪر پڙيان بدران ايوان صدر ۾ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پريڊ محدود پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪفايت شعاري پاليسي تحت ڪيو ويو، جڏهن ته خميس جي صبح اسلام آباد ۾ برسات ۽ خر??ب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ??اڪ??تان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئي وئي جيڪا هاڻي 25 مارچ ڇنڇر ڏينهن ٿيندي.