ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات?? سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪ??دي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي تعاون تي اط??ينان جو اظهار ڪيو. هن صحت?? سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪ??و. نگران وز??راعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.