اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل ??مجهيل منصوبي تحت هڪ چونڊيل ??ڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو ا??تراف ڪندڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائين پنهنجي واري جو انتظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.