اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعمير??تي شعبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪرڻ ۽ تعمير??تي شعبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال تعمير??تي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو، فڪسڊ ٽيڪس لاڳو ه??ند??، سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعمير??تي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، گهر وڪرو ڪندڙن کان ڪيپيٽل گين ٽيڪس نه ورتو ويندو، مڪمل لاڪ ڊائون سان امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، 22 ڪروڙ ماڻهن کي بند نٿا ڪري سگهون، سڄي قومي گڏجي ڪورونا کي شڪست ڏيندي، خير??تي ادارن جي سرگرمين کي جامع بڻائينداسين، زراعت ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ جو شعبو مڪمل طور تي کليل آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اهڙو ڪو به ڪم نٿا ڪرڻ چاهيون جنهن مان ائين معلوم ٿئي ته وف??ق ڪجهه زبردستي ڪري رهيو آهي، ٽائيگر فورس اوڙي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن کي آگاهي ??راهم ڪندي، پرائيويٽ اسڪولن جي فيسن بابت پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، ڪورونا رليف فنڊ ڪمزور طبقي جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، بجلي ۽ گئس جي بلن جي ادائيگي ۾ ٽن مهينن جو رليف ڏنو ويو آهي، ڪنهن جو ڪنيڪشن نه ڪٽيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن تعمير??تي شعبي جي لاءِ مراعتي پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪيو.