اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ?? ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذ??يره اندوزي کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظ?? عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا م??تح?? نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان من??ن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.