اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو اف??تاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري?? توانائي وارو وزير عمر ايو?? خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد اف??ل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.