اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ماحول شناس هجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ ش??داب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته بلوڪي، پنجاب ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪرايل زمين تي وڻڪاري ج?? هڪ سال کانپوءِ وڏي تبديلي نمايان آهي. وز??راعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪرايل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال کانپوءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح فرق ??سي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نتيجي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.