اسلام آب??د ?? 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد فراز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪ??ڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪ??ڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ??ين??و. اڪ??ڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪ??ڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪ??ڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪ??ڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪ??ڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ??ين??ي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.