اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين ن??بر?? کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري نيشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري ??دد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سو??پي?? ويو آهي، پي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ?? سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظ?? آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين ن??بر?? کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري ??دد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان ??دد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.