اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي??َ جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ?? ڇاتي??َ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪن??ي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪن??ي چيو ته اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ?? ڇاتي??َ جي ڪينسر جي حوالي سان ش??ور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ?? ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.