اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات وا??ي ڪميٽي سان شيئر ڪئي و??ندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات وا??ي ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي و??ت ۾ جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.