اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري اد??رن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن اد??رن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري اد??رن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي واپار واري وفاقي وزير عبدالرزاق دائود، اد??ره جاتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، ??جلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري اد??رن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ريفرنس ??ي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان ??عيار کي يقيني بڻائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر سفارشون جوڙي سگهن.