اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان قوم کي ا??يل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ا??س او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، حڪومت هاڻي سختي ڪندي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وز??ر اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر، قومي صحت وارو خاص مددگار ۽ قومي رابطا ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وز??راعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، آئون قوم کي ا??يل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ا??س او پيز تي عمل ڪيو، وز??راعظم چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آهيون ته اهي ا??س او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي ا??ي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وز??راعظم چيو ته لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن سميت سڄي قوم متاثر ٿيندي آهي پر ڏهاڙيدار ۽ غير طبقو بلڪل پيڙهجي ويندو آهي، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪمائيندو آهي تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آهن، اسان کي مشڪلاتن جو احساس آهي پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وز??راعظم چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.