ف??صل آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن جي موقعي تي ??ونڊ مهم دوران عوام سا?? ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي قيام سميت سستا گهر تعمير ڪيا ويندا ۽ آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي 20 لک تائين سرمائي جي فراهمي سميت هر شهري کي صحت ڪارڊ به فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو 10 لک روپين تائين پنهنجي بيماري جو علاج ڪرائي سگهي ۽ ان کي پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان وسيلا نه ه??ڻ جي باوجود علاج جي بهترين سهولت ميسر اچي سگهي. هو سٽي ڪائونسل 86 ف??صل آباد جي علائقي چڪ 225 ارب احمد نگر ۾ لکين روپين جي لاڳت سا?? مڪمل ٿيندڙ اسڪول ۾ اضاف?? ڪمرن جي تعمير، نئين پارڪ ۽ ڊسپينسري جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.