اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پ??ڪس??ان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پ??ڪس??ان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ??ڪس??ان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي م??زباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پ??ڪس??ان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آلودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي م??هن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي م??مبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پ??ڪس??ان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پ??ڪس??ان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پ??ڪس??ان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.