اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد ??لي سروهي پاڪستان سان غيرمعمولي سهڪار جي اعتراف ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، ??ونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ٻنهي ??لڪ?? کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪستان سان سهڪار جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ??لڪ?? جي قيادت انهن لاڳاپ?? کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪستان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? ۾ هڪٻئي سان لاڳاپ?? کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ??لڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻه?? کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ??لڪ?? کي ويجهو آندو. سفير احمد ??لي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪار?? کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپ?? کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.